ڀلي ڪري آيا
السلام عليڪم
سڀ کان پهرين آئون اوهان کي المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه جي ويب سائٽ تي ڀليڪار چوان ٿو. اسان لاءِ هيءَ ڳالهه فخر جي لائق آهي جو اسان توهان کي هن سائٽ جي ذريعي سان المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه جي باري معلومات ڏيئي سگهنداسين. گڏوگڏ اسان توهان کي المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه ۾ سر انجام ڏنل خدمتن کان به واقف ڪنداسين.
المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه 2006 ۾ پنهنجي قيام کان پوءِ فورا امت مسلمه جي وسيع تر مفاد ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون. پوءِ آهستي آهستي ادارو پنهنجي نظام ۾ خاص تبديليون ڪرڻ جي وجهه سان طباعتي واشاعتي ميدان ۾ پنهنجو امتيازي مقام بنائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي چڪو آهي. ۽ الحمد لله هن وقت اداري کي پنهنجي سڀني ڪمن ۾ سر انجام ڏيڻ لاءِ ماهر ۽ نوجوانن جي افرادي قوت حاصل آهي.
طباعتي ميدان ۾ ڪاميابيءَ سان گڏوگڏ اداري کي هي اعزاز به حاصل آهي ته هن جي ذريعي سان عربي زبان جي تعليم جو ڪم نئين ۽ منفرد انداز ۾ شروع ڪيو ويو آهي. جنهن جي تمام ٿورڙي وقت ۾ ماڻهن ۾ قبوليت پئي.
اسان پنهنجي هر ڪم کي هڪ نئين خواهش ۽ جذبي سان شروع ڪندي پالڻهار جي ذات مڪمل ڀروسو رکندا آهيون. ۽ هر ڪم کي هڪ مخصوص وقت ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ پوري جاکوڙ ڪندا آهيون.
اسان کي اميد آهي ته ويب سائٽ يقينا توهان کي المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه جي متعلق ڄاڻڻ ۾ پوري طرح مددگار ثابت ٿيندي.
نئون ڇا آهي
-
تاريخ البدءApril 25, 2009 06:15 AM
هر سال جي طرح هن سال به جمعيت اهل حديث سنڌ جي زير انتظام سيرت النبي ڪانفرنس جو انعقاد نيو سعيد آباد جي ڪشادي پنڊال (محمدي پارڪ) ۾ ڪيو ويو. جنهن ۾ دين محمد صلي الله عليه وسلم سان محبت رکندڙن جي وڏي عدد جوش ۽ جذبي سان ڀرپور شرڪت ڪئي. ماڻهن جي شوق کي ڏسندي المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه ڪانفرنس ۾ پنهنجي ڇپايل ڪتابن جو اسٽال پنڊال جي مرڪزي دروازي جي ويجھو لڳايو. ماڻهن جي وڏي عدد اسٽال جو رخ ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ مختلف ڪتابن کي پسند ڪيائون. المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه جي اسٽال جو لڳل خوبصورت ۽ رنگارنگ بينر ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بنيو رهيو.
وموقع الحدث
Street:
محمدي پارڪ
City:
نيو سعيدآباد
Country:
PAKISTAN
State:
اتصال
Email:
Phone:
Cell:
Website:
-
تاريخ البدءApril 19, 2009 04:20 AM
المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه جي زير انتظام جامعة ابي بڪر الاسلاميه، گلشن اقبال ۾ هلندڙ هڪ ساله عربي لغت ڪورس جي شاگردن جو پهريون سمسٽر مارچ ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ پهرين گروپ جي 75 شاگردن شرڪت ڪئي. جامعة ابي بڪر الاسلاميه جي مدير اعلى جناب ڊاڪٽر راشد رندهاوا صاحب شاگردن جي حوصله افزائي جي لاءِ هن تقريب ۾ لاهور کان اچي شرڪت ڪئي. ۽ پهرين، ٻي ۽ ٽي امتيازي پوزيشن ماڻڻ وارن شاگردن ۾ انعام ورهايا.
وموقع الحدث
Street:
گلشن اقبال
City:
ڪراچي
Country:
PAKISTAN
State:
اتصال
Email:
Phone:
Cell:
Website:
-
تاريخ البدءApril 11, 2009 11:00 AM
المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه جي ويب سائٽ جي شروعات 11 اپريل 2009 تي ٿي.
الحمدلله هاڻي ويب سائٽ باقاعدگيءَ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. جنهن جي ذريعي سان مختلف اسلامي ڪورسن جو انعقاد ۽ نئين اسلامي ڪتابن جي اشاعت سان عوام الناس کي آهسته آهسته آگاه ڪيو ويندو.
وموقع الحدث
Street:
المرڪز الاسلامي للبحوث العلمية
City:
ڪراچي
Country:
PAKISTAN
State:
اتصال
Email:
Phone:
Cell:
Website: