پروگرام

  1. المرڪز الاسلامي للبحوث العلمية ڪراچي جي وفد جي سيرت النبي ڪانفرنس ۾ شرڪت

    تاريخ البدءApril 25, 2009 06:15 AM

    هر سال جي طرح هن سال به جمعيت اهل حديث سنڌ جي زير انتظام سيرت النبي ڪانفرنس جو انعقاد نيو سعيد آباد جي ڪشادي پنڊال (محمدي پارڪ) ۾ ڪيو ويو. جنهن ۾ دين محمد صلي الله عليه وسلم سان محبت رکندڙن جي وڏي عدد جوش ۽ جذبي سان ڀرپور شرڪت ڪئي. ماڻهن جي شوق کي ڏسندي المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه ڪانفرنس ۾ پنهنجي ڇپايل ڪتابن جو اسٽال پنڊال جي مرڪزي دروازي جي ويجھو لڳايو. ماڻهن جي وڏي عدد اسٽال جو رخ ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ مختلف ڪتابن کي پسند ڪيائون. المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه جي اسٽال جو لڳل خوبصورت ۽ رنگارنگ بينر ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بنيو رهيو.

    وموقع الحدث
    Street: محمدي پارڪ
    City: نيو سعيدآباد
    Country: PAKISTAN
    State:
    اتصال

    Email:
    Phone:
    Cell:
    Website:
  2. تقريب تقسيم انعامات

    تاريخ البدءApril 19, 2009 04:20 AM

    المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه جي زير انتظام جامعة ابي بڪر الاسلاميه، گلشن اقبال ۾ هلندڙ هڪ ساله عربي لغت ڪورس جي شاگردن جو پهريون سمسٽر مارچ ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ پهرين گروپ جي 75 شاگردن شرڪت ڪئي. جامعة ابي بڪر الاسلاميه جي مدير اعلى جناب ڊاڪٽر راشد رندهاوا صاحب شاگردن جي حوصله افزائي جي لاءِ هن تقريب ۾ لاهور کان اچي شرڪت ڪئي. ۽ پهرين، ٻي ۽ ٽي امتيازي پوزيشن ماڻڻ وارن شاگردن ۾ انعام ورهايا.

    وموقع الحدث
    Street: گلشن اقبال
    City: ڪراچي
    Country: PAKISTAN
    State:
    اتصال

    Email:
    Phone:
    Cell:
    Website:
  3. المرڪز الاسلامي للبحوث العلمية ڪراچي جي ويب سائٽ جي شروعات

    تاريخ البدءApril 11, 2009 11:00 AM

    المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه جي ويب سائٽ جي شروعات 11 اپريل 2009 تي ٿي.

    الحمدلله هاڻي ويب سائٽ باقاعدگيءَ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. جنهن جي ذريعي سان مختلف اسلامي ڪورسن جو انعقاد ۽ نئين اسلامي ڪتابن جي اشاعت سان عوام الناس کي آهسته آهسته آگاه ڪيو ويندو.

    وموقع الحدث
    Street: المرڪز الاسلامي للبحوث العلمية
    City: ڪراچي
    Country: PAKISTAN
    State:
    اتصال

    Email:
    Phone:
    Cell:
    Website: