بسم الله الرحمن الرحيم
المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه جو بنياد سال 2006ع ۾ روشنين جي شهر ڪراچي ۾ وجود ۾ آيو. المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه کي هيٺين اميدن ۽ مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو.
(1) ماڻهن کي عربي زبان جي تعليم ماهر استادن جي ذريعي حرف بحرف پهچائڻ.
(2) ديني مدرسن جي شاگردن کي ڪمپيوٽر ۽ ٻين جديد علمن جي مفت تعليم سان آراسته ڪرڻ.
(3) عام ماڻهن جي لاءِ وقت موجب فهمِ دين جي ڪورسن جو انعقاد ڪرڻ.
(4) ديني درسگاهن جي شاگردن کي جرح وتعديل، رجال حديث ۽ اصول فقہ جي تعليم نئي طريقي سان سکارڻ.
(5) عام معلومات تي نظر رکندي مختلف موضوعن تي مبني مختصر ۽ جامع هينڊ بلز ۽ ڪتابچن جي طباعت ۽ تقسيم.
(6) مشهور ۽ معروف عالمِ دين العلامه الشيخ بديع الدين شاهه الراشدي رحمه الله جي تقريرن ۽ درسن جي ڪيسٽن کي نئي ڪمپيوٽرائزڊ شڪل ۾ منتقل ڪرڻ.
(7) اسلامي ڪتابن جو اردو، سنڌي ۽ ٻين علاقائي زبانن مثلا بلوچي، فارسي ۽ پشتو وغيره ۾ ترجمو ڪرڻ.
(8) انٽرنيٽ تي پال ٽاڪ (Pal Talk ) جي ذريعي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهائشي ماڻهن تائين اسلامي تعليم پهچائڻ.
(9) عورتن جي لاءِ قرآن ۽ حديث جي معلومات لاءِ پروگرام رکڻ.
(10) قديم ومعروف اسلامي ڪتابن کي تحقيق ۽ تخريج سان گڏ پيش ڪرڻ.
(11) اسڪول جي شاگردن لاءِ معياري اسلامي نصاب تيار ڪرڻ.
الحمد لله المرڪز الاسلامي للبحوث العلميه تمام ٿورڙي عرصي ۾ پنهنجن مختلف اهدافن کي حاصل ڪري چڪو آهي ۽ ان شاءَ الله وڌيڪ منصوبن کي به مڪمل ۽ جامع تياري سان گڏ علمي لباس پهرايو ويندو. ولله الموفق